ٻارڙي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، رڙين تي شهري پهتا،جوابدار فرار

ڪنب(صفدرچانڊيو) ديوان  محلا جي اٺ سالا  نينگري ميگها ڌيء وزير لال شھر مان شيء خريد ڪري واپس موٽي رهي هئي ته ٻٽون ٻڌل موٽرسائيڪل سوارن نينگري کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن سبب ٻارڙيء جي رڙين تي شھري ۽ دڪاندار گڏ ٿي ويا جن اغوا ڪندڙن جي رستا روڪ ڪئي جنهن تي اغواڪار نينگري کي ڇڏي فرار ٿي ويا. جڏھن ته گذريل هفتي ڪنب ڪرڪيٽ گرائونڊ مان تمراڻي برادري جي ٻن معصوم نينگرن ماجد علي تمراڻي ۽ محمد خان تمراڻي اغوا ڪري کڻي وڃي رهيا هئا ته کين  ڪنب کان ڏھ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڳوٺ ملڪو واهڻ وٽان ڇڏايو ويو هو. شهر ۾ لڳاتار اغوا جي واقعن کان پوء ڪجهه شھرين پنهنجي ٻارڙن کي اسڪول وڃڻ کان منع ڪري ڇڏي آھي جڏھن ته هندو برادري پڻ ايس ايس پي خيرپور سان ان معاملي تي  رابطو  ڪيو آھي ۽ تحفظ جي گهرڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو