ٺل ۾ خودڪشي، وارهه ۾ ٻڏي فوت، ڏيپلو حادثي ۾ 2 زخمي

ڪراچي(نمائندن وٽان) ڏيپلو روڊ حادثي ۾ 2 زخمي، وارهه ۾ نينگر وهنجدي ٻڏي فوت ۽ ٺل ۾ نوجوان پاران خودڪشي جي ڪوشش. ٺل مان عبدالنبي شيخ موجب ڳوٺ سڪندر آباد جي نوجوان غلام مرتضيٰ ولد اجمل ٻرڙو گهريلو پريشانين کان تنگ اچي زهر کائي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. نوجوان کي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال آندو ويو سندس حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کيس لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو.*** وارهه مان طالب چانڊيو موجب ڳوٺ ڍوليو ٻرڙو ۾ لاڙڪاڻي کان مائٽن وٽ مهمان ٿي آيل 8 سالا معصوم ياسين ولد محمد اسماعيل ٻرڙو پاڻي جي تلاء ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو.

**** ڏيپلو مان فرمان بجير مطابق ڳوٺ ماليھار لڳ تيز رفتار موٽر سائيڪل جو حادثو ٻه ڄڻا مٺو ميگھواڙ  ۽ مڪيش ميگھواڙ  سخت زخمي ٿي پيا. زخمين کي تعلقه اسپتال ڏيپلو ۾ داخل ڪيو ويو آهي ـ اسپتال ۾ داخل مٺو ميگھواڙ  ٻڌايو ته اسان مٺي کان ڏيپلو اچي رھيا ھياسين ته ماليھار لڳ موڙ ۾ اوچتو اڳيان ڍڳيون اچي ويون انهن کي  بچائيندي اسين پاڻ ڪري پياسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو