ٺري ۾ وياجين جو پورهيت تي حملو، متاثره خاندان جو احتجاج

ٺري ميرواھ (ممتاز شر) ڳوٺ  لال بخش گوپانگ جي رهواسين مردن عورتن پاران شهزادو گوپانگ علي داد گوپانگ نجما گوپانگ الھڏتي گوپانگ  پاران تر جي بااثر وياجين جي ظلم ۽  سيٺارجا پوليس خلاف پريس ڪلب ٺري ميرواھ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مظاهرين ٻڌايو ته ڪجھ سال اڳ هنن  فقير محمد گوپانگ ۽ روشن گوپانگ کان وياج تي اڍائي لک رپيا ورتا هئا، اڍائي لک رپين جو 6 لک وياج ڀرڻ باوجود اڄ وياجين خانگي هٿياربند ساڻ ڪري اسانجي گهر تي حملو ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ اسانجي پيرسن همراھ عليداد گوپانگ کي ٻانهن ۾ ڪهاڙي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته بااثر وياجين خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاء اهڙي دانهن کڻي سيٺارجا ٿاڻي تي وياسين پر پوليس اسانجي فرياد داخل نه ڪئي. مظاهرين اي آء جي سکر سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته بااثر وياجين خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو