يونان جي جهنگ ۾ لڳل باهه بي قابو،18 ڄڻا فوت

يونان جي جهنگ ۾ لڳل باهه بي قابو،18 ڄڻا فوت

ڪنمنگ (ويب ڊيسڪ)يونان جي ٻيلن ۾ باهه لڳڻ سبب 18 ڄڻا فوت ٿي ويا.پرڏيهي ميڊيا موجب اختيارين جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ واري علائقي مان لاش مليا آهن، حادثي جو شڪار ٿيل امڪاني طور تي بي گهر ٿيل ماڻهو هئا.اختيارين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سمورن ماڻهن جا لاش ترڪي جي سرحدي علائقي مان هٿ ڪيا ويا آهن.ريسڪيو عملدارن موجب باهه متاثر علائقن مان ماڻهن کي ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته باهه لڳڻ سبب ڪيترائي گهر ۽ گاڏيون پڻ سڙي رک ٿي ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو