يوسي چيئرمين راشن مائٽن ۾ ورهائي ڇڏيو، مستحقن جو احتجاج

ٺڪراٺو(حضرت گل پٺاڻ)  يوسي مبارڪپور جي مستحق ماڻهن لاء آيل راشن ۽ ٻيو سامان يوسي چيئرمين ۽ يوسي سيڪريٽري پنهنجن مائٽن ۾ ورهائي ڇڏيو، غريب ۽ مسڪين ماڻهو راشن لاءِ تڪيندي رهجي ويا، هنن امداد ورهئڻ دوران احتجاج ڪيو. مستحق ماڻھن لاء آيل راشن ۾ هڪ ڪلو گيھ ، ٻه ڪلو کنڊ ، هڪ ڪلو سرف ۽ ٻه عدد صابڻ جيڪي يوسي چيرمين عبدالمجيد خان مهتم ۽ يوسي سيڪريٽري شمن علي شيخ پنهنجي مائٽن ۽ من پسند ماڻھن ۾ ورهائي ڇڏيو. راشن نه ملڻ تي مقامي ماڻهن نورالدين کوکر، حاجي عارب سومرو، محمد بخش مهتم ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته غريبن کان شناختي ڪارڊ وٺي امداد پنهنجي مائٽن ۽ من پسندن ۾ ورهائي اسان کي ڪارڊ واپس ڪندي چيائون ته امداد پوري ٿي وئي. هنن مطالبو ڪيو ته جاچ ڪري ذميوران خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو