يورپ ۾ گرمي 75 سالن جو ريڪارڊ ٽٽي ويو،عوام پريشان

پيرس(ڊيسڪ رپوروٽ) يورپ ۾ گرمي جي لهر وڌي وئي آهي جنهن 75 سالن جو ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. گرمي جي وڌيل لهر سبب ريل سروس سخت متاثر ٿي آهي ۽ ماڻهن گهرن کا غير ضروري طور ٻاهر نڪرڻ ۽ سفري شيڊول تبديل ڪري ڇڏيا آهن.بيلجيم جي شهر بروجيل ملٽري بيس ۾ گذريل ڏينهن گرمي جو پد 38.9 ريڪارڊ ڪيو ويو جيڪو 1947 ۾ 38.8 ريڪارڊ ڪيو ويو هو ۽ 75 سالن جو ريڪارڊ ٽٽي ويو آهي. يورپ ۾ هڪ مهيني ۾ ٻيو ڀيرو گرمي جي لهر آئي آهي، جنهن عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.فرانس جي شهر بورڊيڪس ۾ گرمي جو پد 40.4 ڊگري ريڪارد ڪيو ويو ۽ هن شهر ۾ به گذريل 70 سالن جو ريڪارد ٽٽو آهي. برطانيا م به 38.5 دگري پد ريڪارڊ ڪيو ويو ۽ 2004 بعد برطانيا م اهو گرمي جو وڏو پد آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو