يورپي پارليمان ۾ ٺهراءَ منظور، پاڪستان پاران ڳڻتي ظاهر

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) يورپي يونين جي پارليمينٽ ۾ پاڪستان خلاف منظور ڪيل ٺهراءَ تي پرڏيهي کاتي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان انساني حقن ۾ يقين رکي ٿو ۽ اقليتن کي برابر جي شهرين جا حق ڏئي ٿو. يورپي يونين جي پارليمان ۾ منظور ڪيل ٺهراءَ ۾ يورپي يونين تي زور ڀريو ويو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان جوڳا ۽ اطمينان بخش اپاءَ نه وٺي ته کيس مليل ‘جي ايس پي +’ جو درجو عارضي طور معطل ڪيو وڃي. پاڪستان کي مليل هن سهولت سبب يورپي يونين جي منڊين ۾ پاڪستان جي 76 سيڪڙو گارمينٽ ۽ ٽيڪسٽائيل جي شين کي بنا ڊيوٽي موڪلڻ جي اجازت آهي. 2014 ۾ پاڪستان کي اها سهولت ملي ۽ پهرين سال پاڪستان ساڍا پنج ارب يورو جي ڊيوٽي فري سامان موڪليو ۽ هاڻي ساڍا 6 ارب کان 7 ارب يورو جي لڳ ڀڳ آهي. ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ 1987 کان وٺي، انساني حقن جو دفاع ڪندڙ، صحافين ۽ اقليتن خلاف آن لائن ۽ آف لائن حملن جا ايترا واقعا نه ٿيا جيترا 2020 ۾ ٿيا آهن. ناموس رسالت جي قانون کي اقليتن، صحافين، انساني حقن جي ڪارڪنن، سياسي مخالفن ۽ مذهبي متڀيد جي بنياد تي غلط طريقي سان استعمال ڪيو پيو وڃي. غير مسلم ڇوڪرين جبري اغوا بعد مسلمان ڪري شاديون ڪيون وڃن ٿيون. ٺهراءَ سوئيڊن جي نمائندي پيش ڪيو آهي.

جيڪو چوي ٿو ته پاڪستان حڪومت انهن خلاف ورزين خلاف اپاءَ وٺڻ بدران فرانسيسي شهرين خلاف نفرت ڦهلائڻ وارن خالف ڪاروائي ڪرڻ بدران هولو ڪاسٽ جا مثال ٿا ڏنا وڃن جيڪو انداز هرگز قبول ناهي. سندس جواب ۾ انساني حقن واري وزير شيري مزاري چيو آهي ته جنهن شخص اهو ٺهراءُ پيش ڪيو آهي ان کي سوئيڊن جو وزيراعظم فاشسٽ قرار ڏنو هو. هن چيو ته معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪبو ۽ اسلاموفوبيا جي شڪار ماڻهن کي توهين رسالت کان روڪڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو