وڪيلن جي گرفتاري خلاف هڙتال، عدالتي ڪميشن جو مطالبو

لاهور(ويب ڊيسڪ) وڪيلن جي نمائندا تنظيمن جمعي تي سڄي ملڪ جي عدالتن ۾ هڙتال جو فيصلو ڪندي دل جي اسپتال تي ٿيل حملي واري واقعي جي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبر احسن ڀون، لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسو سيئيشن جي حفيظ الرحمان چوڌري واضح ڪيو آهي ته وڪيلن جو احتجاج پر امن هوندو. پنجاب انسٽي ٽيوٽ آف ڪارڊيولوجي تي 200 کان وڌيڪ وڪيلن حملو ڪري ڊاڪٽرن، پير ميڊڪ عملي، مريضن ۽ سندن مائٽن کي به مار ڪٽ ڪندي اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي هئي.

Photo courtesy Reuters’s Mohsin Raza

اسپتال جا دروازا، ايمرجنسي روم جا شيشا ۽ پارڪنگ ۾ بيٺل گاڏين کي بري طرح نقصان پهچايو هو ۽ هڪ پوليس موبائيل کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو هو. پنجاب جي اطلاعات واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ کي مارڪٽ ڪئي هئي ۽ هن الزام لڳايو هو ته مريم صفدر سان گڏ گهمندڙن کيس ماريو هو. جڏهن ته حملو ڪندڙ وڪيلن ۾ وزيراعظم عمران خان جو ڀاڻج به شامل هو جنهن باهه لڳل پوليس موبائل جو دروازو به کوليو هو.

وڪيلن ۽ ڊاڪٽرن جا هڪ ٻئي خلاف مظاهرا

سينئر وڪيلن پاران اسپتال تي وڪيلن جي حملي جي مذمت

وڪيلن جو دل جي اسپتال تي حملو ۽ ڀڃ ڊاهه

پنجاب جي صحت واري وزير ياسمين راشد چيو هو ته وڪيلن غنڊا گردي ڪئي آهي ۽ اسپتال تي جنگ ۾ به حملو ناهي ٿيندو پر هنن حد ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ڀاڻج جي حملي ڪندڙن سان گڏ هجن جي مذمت ڪندي چيو هو ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي. پنجاب حڪومت جاچ لاءِ قانون واري صوبائي وزير راجه بشارت جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪئي آهي ۽ پنجاب پوليس بار جي عهديدارن سميت 250 وڪيلن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ 46 وڪيلن کي گرفتار ڪري ڊيوٽي جج عبدالقيوم جي عدالت ۾ پيش ڪري سندن جسماني رمانڊ گهريو هو پر عدالت 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي وڪيلن کي جيل موڪلي ڇڏيو هو. عدالت ۾ جنهن مهل رمانڊ لاءِ وڪيلن کي پيش ڪيو ويو هو ته سندن منهن ڍڪيل هئا. هوڏانهن ڊاڪٽرن ڪم کان انڪار ڪندي 3 ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. 500 بسترن واري دل جي اسپتال لاهور جي وڏي وڏي دل جي سرڪاري اسپتال آهي جنهن ۾ پنجاب جي سڀني علائقن مان مريض ايندا آهن. پنجاب حڪومت رينجرز کي مقرر ڪيو آهي پر اسپتال ۾ سناٽو ڇائنيل آهي. ياد رهي ته خميس تي به وڪيلن احتجاج جو سڏ ڏنو هو ۽ اسلام آباد بار جي سيڪريٽري جنرل عمير بلوچ جڏهن اسلام آباد حاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي عدالت ۾ هلندڙ ڪيس ۾ پيش ٿيندڙ وڪيلن کي زوري ٻاهر ڪڍيو هو ته ان تي کيس چيف جسٽس سندس لائسنس معطل ڪندي کيس توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو