وڏيرا نياڻي اغوا ڪرڻ چاهن ٿا، انصاف ڏيو

خانپورمهر(ن س) ڳوٺ سومر موري جي رهواسين نادر علي لنڊ ۽ سندس زال مائي لطيفان پريس ڪلب خانپورمهر پهچي ٻڌايو ته  بااثر اڪبر علي لنڊ، آصف علي لنڊ، عاشق علي لنڊ ، رشيد لنڊ ۽ عبدالسميع ھٿيارن جي زور تي گهر ۾ گهڙي گهر ڀاتين کي مبينا طور تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد اسانجي نوجوان ڌيءَ عابده  کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي اسان کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. هنن چيو ته اهڙي اين سي رپورٽ خانپورمهر ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري. هنن آء جي سنڌ. ڊي آءِ جي سکر۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪريون ٿا ته اسان سان انصاف ڪري جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو