وڌندڙ بدامني خلاف سياسي ۽ سماجي تنظيمن پاران احتجاج

لکي غلام شاهه (رپورٽ نثارمنگي) لکي غلام شاهه تعلقي ۾ وڌندڙ بدامني اغوا وارڌاتيون ۽ قبيلائي رتوڇاڻ خلاف چڪ شھر جي ناڪي نمبر 1 کان سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين پاران احتجاجي امن ريلي ڪڍي وئي ريلي شھر جو گشت ڪندي پنج گلي چونڪ تي جلسي جي صورت اختيار ڪري ورتي جلسي کي خطاب ڪندي اڳواڻن مھناز مھر، غلام قادر مھر، گلزار مھر، امداد تبسم مھر ،وڪيل ظفر چنو ۽ ٻين سنڌ حڪومت ۽ شڪارپور انتظاميه کان مطالبو ڪندي گھر ڪندي چيو ته شڪارپور ضلعي ۾ قبيلائي رتوڇاڻ کي روڪيو وڃي، چڪ مان اغوا ٿيل 4 مغوي بازياب ڪرائي امن امان کي بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي تحريڪ تيز ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو