ويگن جواهلڪار کي ٽڪر، ٻين کي بچائيندي تلاءَ ۾ ڪري پئي

خانپور(زبيرگل) انڊس ھاءِ وي تي خانپور ٿاڻي جا پوليس اھلڪار پنھنجي ڊيوٽي ڪري رھيا ھئا ته اوچتو سکر کان ڪنڌڪوٽ ويندڙ مسافر وين بيٺل پوليس اھلڪار شڪارپور واسي  ماجد  کي ٽڪر ھڻندي ٻين اهلڪرن کي بچائيندي پاڻي جي کڏي ۾ ڪري پئي جنھن بعد وين ۾ سوار مسافرن ۾ ڪيھاٽ پئجي ويا، ھوڏانھن موقعي تي بيٺل ساٿي پوليس اھلڪارن زخمي ٿيل پوليس اھلڪار ماجد شيخ کي سول اسپتال شڪارپور کڻائي ويا جڏھن ته وين جو ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو،  خانپور پوليس وين کي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو