اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزارت ملڪي قرضن بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن مطابق وياج جي سرح وڌڻ جي ڪري قرضن جو حجم وڌيو ڊالر جو ايڪسچينج ريٽ وڌڻ سان به مهانگائي ۽ قرض وڌيو آهي ڊسمبر 2022 تائين پاڪستان جو قرض 55 هزار 800 ارب رپيا هو جولاءِ کان ڊسمبر ڊالر جو ايڪسچينج ريٽ 11 سيڪڙو وڌيو ڊسمبر تائين پاڪستان جي قرض ۾ مقامي قرض 62.8 سيڪڙو آهي ڊسمبر تائين پاڪستان جي قرض ۾ پرڏيهي قرض 37.2 سيڪڙو آهي جولاءِ کان ڊسمبر 3.2 ارب ڊآلر جو پرڏيهي قرض ورتو 2.7 ارب ڊالر واپس ڪيو ناڻي وزارت مطابق هن سال ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 28.5 سيڪڙو هوندي ايندڙ مالي سال مهانگائي جي شرح 21 سيڪڙو هوندو پاڪستان جو پبلڪ ڊيبٽ اڃا تائين رسڪ آهي سال 2026 تا.ئين قرض معيشت جي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ رهڻ جو خدشو آهي سال 2026 ۾ مهانگائي جي وڌڻ جي شرح 6.5 سيڪڙو ٿي سگهي ٿي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته سال 2026 تائين ڊالر جو ايڪسچينج ريٽ 6 سيڪڙو وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي هلندڙ مالي سال معاشي شرح واڌ 0.8 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ معاشي ترقي جي شرح 5 سيڪڙو رکڻ جو حدف هو. مالي سال 2024 ۾ مهانگائي وڌڻ جي شرح 21 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي مالي سال 2025 ۾ مهانگائي وڌڻ جي شرح 7.5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي مالي سال 2024 ۾ معاشي ترقي جي شرح 3.5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي مالي سال 2025 ۾ معاشي ترقي جي شرح 5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي مالي سال 2026 ۾ معاشي ترقي جي شرح 5.5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي.










