وفاقي ۽ سنڌ جي ڪابينا ۾ اضافو ۽ کاتن جي ردو بدل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت پنهنجي پنهنجي ڪابينا ۾ واڌارو ڪيو آهي. ڪجهه وزيرن جا کاتا تبديل ڪيا آهن ته ڪنهن جي کاتن جو اعلان ناهي ڪيو ويو. وفاقي حڪومت اڳوڻي وزير خزانه اسد عمر کي ٻيهر ڪابينا ۾ شامل ڪيو آهي ۽ کيس رٿا بندي ۽ اصلاحات جو کاتو ڏنو ويو آهي. اهو کاتو اڳ ۾ مخدوم خسرو بختيار وٽ هو جنهن کي هاڻي نيشنل فوڊ سيڪورٽي جو کاتو ڏنو ويو آهي. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ هڪ ڏينهن اڳ ۾ چيو هو ته کيس پيٽروليم جي وزارت ڏني ويندي. جيڪا هن وقت عمر ايوب وٽ توانائي سان گڏ اضافي چارج ۾ آهي. محبوب سلطان کي سيفران جو وزير مقرر ڪيو ويو آهي. هوڏانهن سنڌ حڪومت ٽي نوان وڏي وزير جا خاص مددگار مقرر ڪيا آهن جن ۾ پونجو ڀيل، ڊاڪٽر بنده علي لغاري ۽ جاويد ناياب لغاري شامل آهن. جڏهن ته شهزاد ميمڻ کي ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيو ويو آهي. سندن شعبن يا کاتن جو اعلان ناهي ڪيو ويو. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صوبائي اسمبلي جو دورو ڪيو جتي مختلف وزيرن سان ملاقات ڪئي ۽ کين هدايت ڪئي ته حڪومت جي ڪارڪردگي کي اجاگر ڪيو ۽ ان کي بهتر بڻايو وڃي. بلاول هڪ پاسي بظاهر وزيرن ۽ مشيرن جي ڪارڪردگي مان مطمئن نظر نه آيو پر ٻئي پاسي 3 نوان وڏي وزير جا خاص مددگار مقرر ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو