وفاقي محتسب جو صوبائي محتسب سنڌ جي آفيس جو دورو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)محترم وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي صوبائي محتسب سنڌ جي آفيس جو دورو ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن، عوام کي ان جي شڪايتن جي ازالي ۾ وڌيڪ آساني ۽ مدد فراهم ڪرڻ، محتسيبن جي آفيسن جي ڪم کي بهتر بڻائڻ ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ جي طريقيڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪيو ويو، پنهنجي دوري جي دوران وفاقي محتسب وڻڪاري مهم جي تحت ٻوٽو لڳايو ۽ نئي قائم ٿيل لائبريري جو دورو ڪيو. صوبائي محتسب اعجاز علي خان محتسب آفيس جي ڪم، پراڻي شڪايت کي حل ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن ۽ مستقبل جي منصوبن جي باري ۾ هڪ گڏيل پريزينٽيشن ڏني. معزز مهمان محتسب سنڌ پاران عام ماڻهو کي آساني فراهم ڪرڻ ۽ صوبي سنڌ ۽ پاڪستان جو بين الاقوامي سطح تي مثبت پهلوء کي اجاگر ڪرڻ جي ڪاوشن کي سرهايو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو