وزير صحت جي تڪ ۾ لاش 2 ڪلاڪ اسپتال سامهون پيل رهيو

نواب شاھ (اي ڪي ڏاھري دوڙ اسپتال ۾ فوت ٿي ويل پيرسن عورت جو لاش 2 ڪلاڪ ايمبولينس نه ملڻ ڪري اسپتال جي سامھون بي يارو مددگار پيو رھيو.اسپتال انتظاميه ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي وارثن ڳوٺ مٺو خان مري جي رھواسي مظھر حسين مري ٻڌايو ته اسان جي 65 سالا امڙ کي سيريس حالت ۾ ٻانڌي کان نوابشاھ اسپتال کڻي وڃي رهيا هئا سين ته دوڙ ويجھو مريض جي حالت انتھائي خراب ٿيڻ سبب دوڙ اسپتال کڻي آيا سين جتي ھو فوت ٿي وئي.

ھن چيو ته اسپتال انتظاميه کي چيو ته ايمبولينس ڏيو ته اسان لاش کي ڳوٺ کڻي وڃون پر اسپتال انتظاميه ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. رابطي ڪرڻ تي اسپتال انتظاميه ٻڌايو ته اسان جي ايمبولينس ايمرجنسي لاءِ ھوندي آھي جيڪا ايمرجنسي ۾ ڏني ويندي آهي.جڏھن ته 2 ڪلاڪن کان پوءِ نوابشاھ کان ايمبولينس پھتي جنھن کان پوءِ وارث لاش کڻائي ڳوٺ روانو ٿي ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو