وزيراعظم ۽ بلاول ڀٽو کي علاج لاءِ غريب مريضن جي اپيل

ستر موري/ قصبو(نمائندن وٽان) بلڙي شاھ ڪريم جي يونين ڪائونسل ڀليڏنوسٺيو جي ڳوٺ راگھو ڪولھي جي رھواسي 33سالا پرڀو ڪولھي ٻن سالن کان زبان ۾ ڪينسر ٿيڻ سبب سخت پريشان آھي. ھن غريب ھاري پنھنجي علاج تي گھر جا زيور ۽ گھر م پاليل ٽي ميھون به کپائي خرچ ڪري ڇڏيون.

لڳ ڀڳ ٽي لک رپيه خرچ ڪرڻ کان پوئي ھاڻي ھن وٽ باقي ڪجھ به ناھي بچيو.کائڻ پيئڻ لائي ۽ پنھنجن ٻچن جو پيٽ پالڻ لائي به مشڪل سان وقت گذاري رھيو آھي.ھن وزيراعظم پاڪستان جناب عمران خان صاحب کي اپيل ڪندي چيو آھي برائي مھرباني ڪري مون غريب مسڪين  ھاري جو علاج شوڪت خانم اسپتال ۾ سرڪاري خرچ تي ڪرايو وڃي. **** قصبو جي ڳوٺ يامين لغاري جو رهواسين پ پ ڪارڪن علي اصغر لغاري گذريل ٽن سالن کان دماغي فالج ۾ مبتلا آهي سندن وارثن جو چوڻ آهي ته گهر ۾ پيل سون زيور گهر کپائي علاج ڪرايو سين پر ٺيڪ نه ٿيو حيدرآباد کڻي وياسين جتي ڊاڪٽرن چيو ته مريض جو علاج ڪراچي جي وڏين اسپتالن ۾ ٿيندو جڏهن ته ڪراچي جي سپتالن ۾ علاج لاء پيسا ناهن علي اصغر جي گهرواري آمنت لغاري صحافين آڏو روئيندي دانهيون ته چار نياڻيون هڪ پٽ آهي گهر جو گاڏو هلائيندڙ هڪ بستري تي بيهوش آهي هتان جا ڊاڪٽر چون ٿا 30 کان 40 لک خرچ ٿيندو گهر ۾ کائڻ لاء ڪجھ ناهي هڪ ويلو کائون ٿا ته هڪ ويلو بکيا ويٺا آهيون. سندس گهرواري وس وارن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاھ دادو جي چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي آهي ته سرڪاري سطح علاج ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو