وزيراعظم پاران ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبه بندي لاءِ ڪميٽي قائم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ڪراچي جي شهرين کي سهولتون ڏيڻ ۽ مختلف ترياتي رٿائن بابت منصوبه بندي لاءَ خصوصي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪراچي پاڪستان جو مستقبل آهي. سنڌ ۾ 2008 کان صوبائي حڪومت ڪندڙ پيپلز پارٽي جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته ماضي ۾ ڪراچي بدانتظامي ۽ نظر انداز ڪرڻ سبب عوام کي بهتر زندگي جون سهولتون ناهن ملي سگهيون. قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي ۾ ماهيگيري وارو وزير علي زيدي، منصوبه بندي جو وزير خسرو بختيار، دي جي،ايف ڊبليو او ميجر جنرل (ر) انعام حيدر ملڪ کي شامل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ ميمبر بعد ۾ مقرر ڪيا ويندا، هي ڪميٽي ننڍي مدت، وچولي ۽ ڊگهي مدت وارا منصوبا تيار ڪندي، پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ، مختلف شعبن ۾ ترقياتي منصوبن بابت هي ڪميٽي سمري تيار ڪندي. اجلاس م خالد مقبول صديقي ۽ متحده جا ايم اين به شريڪ ٿيا. ياد رهي ته متحده وارا 1988 کان لڳاتار هر حڪومت جو حصو رهيا آهن ۽ ڪراچي جي ترقياتي معاملن ۾ کين اوليت ملندي رهي آهي آهي، ڪراچي جي ميئر شپ هجي يا سنڌ جي گورنرشپ اهي تمام ڊگهي عرصي تائين متحده وٽ رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو