اسلام آباد (بيورو)بلوچستان جي آخري هاءِ وي کي ٽريفڪ بحال ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف پاران اين ايڇ اي ٽيم کي مبارڪباد ڏني وئي آهي.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ سول ۽ فوجي اختيارين جي سهڪار کي ساراهيو آهي.شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته دادو گرڊ اسٽيشن کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ سول ۽ فوجي اختيارين جي سهڪار سان 36 ڪلاڪن ۾ 3 ڪلوميٽرن جو ڊيم ٺاهڻ جو قدم ساراهه جوڳو آهي.هن وڌيڪ لکيو ته مان اين ايڇ اي جي ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته رتوديرو ۽ خضدار جي وچ ۾ ايم-8 تي لينڊ سلپ ختم ڪري بلوچستان جي آخري هاءِ وي کي ٽريفڪ بحال ڪيو.










