وزيراعظم نالو کڻي گرفتاري جون هدايتون ڏنيون؛ رانا ثناءُالله

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر رانا ثناءُالله چيو آهي ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڌرڻي ۾ دل کولي مولانا فضل الرحمان جو ساٿ نه ڏنو. مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻ رانا ثناءُالله جيو پارليامينٽ ۾ ڳالهائيندي چيو ته اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) جو گرفتار ڪرڻ حيران ڪندڙ واقعو آهي. هن ٻڌايو ته اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ گرفتاري جو ٻڌايو هيو، وزيراعظم منهنجو نالو کڻي گرفتار ڪرڻ جون هدايتون ڏيندو رهيو ان طرح جي گرفتاري مان ائين لڳي رهيو هو ته ڄڻ ملڪ ۾ جهنگ جو قانون هجي. هن جو چوڻ هو ته اهو معاملو پارليامينٽ ۾ رکندس، جوڊيشل يا پارلياماني ڪميشن نه ٺهي ته عدالت سان رابطو ڪندس. رانا ثناءُالله ٻڌايو ته مسلم ليگ ن ۾ متحرڪ گروپ ٺاهڻ ۾ رڪاوٽ وجهڻ لاءِ مون خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. جيل ۾ گذريل ڏينهن جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته جن حالتن ۾ جيل ۾ رکيو ويو ڪنهن ٻئي کي ائين ناهي رکيو ويندو زمين تي سمهڻ ڪري سڄي رات سمهي نه ٿو سگهجي. هن چيو ته اکين جو علاج جو چيو ته هنن جواب ۾ ڏنو ته هدايتون آهن ته توهان کي اسپتال ۾ قدم رکڻ به نه ڏنو وڃي نوازشريف ۽ شهباز شريف منهنجي گهرڀاتين سان رابطي ۾ رهيا. جي يو آءِ ف جي مارچ حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته مولانا هڪ طرفو فيصلو ڪيو پر طاقتور احتجاج ڪيو ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي دل سان مولانا جو ساٿ نه ڏنو. ياد رهي ته اي اين ايف رانا ثناءُ الله کي 2 جولاءِ 2019 تي فيصل آباد کان لاهور ويندي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ اي اين ايف دعويٰ ڪئي هئي ته رانا ثناءُ الله جي گاڏي مان وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪئي آهي.  رانا ثناءُ الله پنهنجي گرفتاري خلاف عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو ۽ پوءِ 24 ڊسمبر تي لاهور هاءِ ڪورٽ رانا ثناءُالله کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ 10، 10 لک رپين جي مچلڪن عيوض 26 ڊسمبر تي ان کي آزاد ڪيو ويو. منشيات فورس پاڪستان مسلم ليگ جي اڳواڻ رانا ثناءُ الله جي ضمانت واري آزادي تي افسوس جو اظهار ڪندي سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو