قطري امير پاڪستان جي دوري جي دعوت قبولي ورتي

دوحا ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ڪري ٻن طرفن گڏيل مفادن وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن طرفان ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ قطر جي امير جي درخواست تي قطر پهتو آهي ۽ ساڻس ملاقات ڪئي.ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ قطري امير ٻن طرفن گڏيل مفادن وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ معاشي ۽ سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌيڪ وڌائڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.قطري امير قطر جي ترقي ۾ پاڪستاني پورهيتن جي ڪاوشن ۽ فيفا ورلڊ ڪپ جي ڪاميابي ۾ پاڪستاني سيڪيورٽي اختيارين جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان مان هنرمند ماڻهن جي قطر آمد جي طريقن ۽ ذريعا وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.قطري امير پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ معاشي سهڪار وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ قطر جو ڀرپور سهڪار ۽ حمايت جاري رکڻ جو عزم ورجايو. وزيراعظم شهباز شريف قطري امير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جيڪا هُن قبولي ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو