وزيراعظم سان سعودي ولي عهد جي ملاقات

پيرس(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي آهي.وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان وچ ۾ نئين عالمي مالياتي معاهدي بابت سربراهه اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف سعودي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، جڏهن ته شهزادي محمد بن سلمان به پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ لاءِ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو