اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهبازشريف ترڪيه جي نئين چونڊيل صدر رجب طيب ارگان جي دعوت تي انقره جو دورو ڪندو وزيراعظم 3 جون تي صدر ارگان جي قسم کڻڻ واري تقريب ۾ شريڪ ٿيندو ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ٻڌايو ته وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن جو سبب بڻجندو هن چيو ته وزرياعظم 28 مئي جي چونڊن ۾ ترڪيه جو هڪ دفعو بيهر صدر چونڊجڻ تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران صدر ارگان کي مبارڪون ڏيندو وزيراعظم ترڪيه جي صدر کي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ هاءِ ليول اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي ستين اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت به ڏيندو.










