وزيراعظم جي ڪاوڙ، نسيم مستعفي، ڪيس وڙهندو، اقتداري ايوانن ۾ هلچل

اسلام آباد (اياز مهر) قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ وزيراعظم عمران خان سندس استعيفيٰ قبول ڪري ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڱاري تي وفاقي ڪابينا جا ٻه ڀيرا اجلاس ٿيا صبح جي اجلاس بعد شام جو 5 وڳي ان وقت ٻيهر اجلاس طلب ڪيو ويو جڏهن سپريم ڪورٽ آرمي چيف جي مدت ۾ ٽن سالن جي واڌ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب ڪابينا جي شام واري اجلاس ۾ وزيراعظم، وزير قانون فروغ نسيم تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جڏهن فيصلو ٿي چڪو ته ان جي قانوني تقاضائن کي پورو ڇو نه ڪيو ويو. جنهن بعد فروغ نسيم استعيفيٰ پيش ڪئي جيڪا قبول ڪئي وئي. بعد ۾ هنگامي ڪابينا اجلاس بابت ريلوي جي وزير شيخ رشيد چيو ته فروغ نسيم ان ڪري استعيفيٰ ڏني آهي ته هو اربع تي سپريم ڪورٽ ۾ آرمي چيف جي وڪيل طور ڪيس وڙهندو. وزيراعظم جي معاون شهزاد اڪبر چيو ته فروغ نسيم رضاڪارانه طور استعيفيٰ ڏني آهي ۽ بعد م وزيراعظم عمران خان چاهيو ته هو ٻيهر وزير ٿي سگهي ٿو. فروغ نسيم ايم ڪيو ايم جو آهي جيڪا حڪومت جي اتحادي جماعت آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جي مدت ملازمت ۾ واڌ جو ڪو قانون نه هجڻ، 21 آگسٽ جي ڪابينا اجلاس م 25 مان 11 وزيرن پاران مدت م واڌ جي حمايت، گهوڙي آڏو گاڏي ٻڌڻ وارن ريمارڪس بعد حڪومتي ۽ اقتداري ايوانن ۾ کلبلي مچي وئي آهي. ماضي ۾ ائين گهٽ ئي ٿيو آهي ته سپريم ڪورٽ سڌي طرح آرمي چيف کي ذاتي مفاد جي ڪيس ۾ نوٽيس جاري ڪري. قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته معاملو قانوني لحاظ کان سنگين رخ اختيار ڪري چڪي آهي. ٻئي پاسي حڪومت رولز ۾ترميم ڪري پنهنجي ڪيل غير قانوني ۽ خلاف ضابطه ڪارواين کي قانوني تحفظ ڏيڻ لاءِ سرگرم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو