اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز جي مصروف هجڻ سبب وفاقي ڪابينه جو اڄ ٿيندڙ اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف اڄ وفاقي ڪابينه جو اجلاس طلب ڪيو هو پر هاڻ رپورٽون اچي رهيون آهن اڄ ٿيندڙ اجلاس کي ملتوي ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جي لاهور ۾ مصروف هجڻ سبب وفاقي ڪابينه جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو. اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ طرفان اسٽيٽ بينڪ کي ڏنل هدايتن تي جائزو وٺڻو هو جڏهن ته موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي اهم فيصلا ٿيڻ جو امڪان هو.










