وزيراعظم جي ترڪ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت

استنبول(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مون کي خبر آهي ته ترڪي جي ڪجهه ڪمپنين کي ماضي ۾ پاڪستان ۾ مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو، مان يقين ڏيان ٿو ته ترڪ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ ڪنهن به قسم جي ڏکيائي پيش نه ايندي. استنبول ۾ پاڪستان-ترڪي بزنس ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته بزنس ڪائونسل جي اجلاس سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار کي هٿي ملندي.شهباز شريف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ 10 هزار ميگا واٽ جو سولر انرجي پراجيڪٽ آڻي رهيا آهيون، پاڪستان ۾ سولر انرجي منصوبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن.وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جا بيشمار امڪان آهن، پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.هن چيو ته ترڪي سيڙپڪارن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، ترڪي سان واپاري حجم وڌائڻ لاءِ معاهدو ٿي ويو آهي، ترڪي سان واپار جو حجم ٽن سالن ۾ پنج ارب ڊالرن تائين وڌايو ويندو.شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ترڪي به پاڪستان وانگر دهشتگردي جو نشانو بڻيل آهي، دنيا ڄاڻي ٿي ته ترڪي ۽ پاڪستان ڀائر ملڪ آهن، دهشتگردن جو ڪو به مذهب ناهي.وزيراعظم چيو ته دهشتگردن خلاف گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ لاءِ معاشري جي هر طبقن قربانيون ڏنيون، دهشتگرد انسانيت جي سطح کان هيٺ ٿي ويا آهن.هن اهو به چيو ته هو ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ تي ترڪي جي صدر ۽ عوام جا شڪرگذار آهن، ٻوڏ سبب 33 لک ماڻهو متاثر ٿيا .

پهنجو تبصرو موڪليو