وزيراعظم جو آرمي چيف سان گڏ ڪنٽرول لائن جو دورو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان يوم دفاع ۽ يوم شھدا جي موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ وفاقي وزيرن سان گڏ ڪنٽرول لائن جو دورو ڪيو. فوجي ترجمان پاران جاري ڪيل مختصر بيان ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ ھن فوجي جوانن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن حوصلو وڌائڻ لاءِ سندن ڪردار جي تعريف ڪئي. ھو شھيدن جي وارثن سان ملڻ بعد مظفرآباد ويندو جتي شھرين جي ميڙ کي خطاب ڪندو. دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ، پرڏيھي کاتي جو وزير شاھ محمود قريشي ۽ ڪشمير بابت خصوصي ڪاميٽي جو چيئرمين فخر امام بھ ساڻس گڏ ھو. ياد رھي تھ ڀارتي فوجن پاران جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي ڪندي آزاد ڪشمير ۾ عام شھرين تي ڪلسٽر بم ھنيا ويا ھئا جنھن بعد ٻنھي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي ھئي. ڀارتي فوج مسلسل ڪنٽرول لائن جي خلاف ورزي ڪندي عام شھرين توڙي پاڪستاني فوج جي چوڪين تي بلاجواز فائرنگ ڪندي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو