پوني(ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ جي سترهين ميچ ۾ ڀارت ويرات ڪوهلي جي شاندار سينچري جي بدولت بنگلاديش کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ايونٽ ۾ مسلسل چوٿين فتح حاصل ڪري ورتي.ڀارت بنگلاديش پاران ڏنل 257 رنسن جو هدف آسانيءَ سان 42 هين اوور ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، ويرات ڪوهلي 103 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، شبمن گل 53 ۽ روهت شرما 48 رنسن جي اننگز کيڏي.آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ جي سترهين ميچ ۾ بنگلاديش ڀارت کي فتح لاءِ 257 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو.پوني ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش جي ڪپتان نجم الحسن شانتو ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.بنگلاديش مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 256 رنسون ٺاهيون، لتون داس 66 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. بنگلاديش طرفان اوپننگ بيٽسمين تنزيد حسن ۽ لاطيني داس اننگز جي شروعات ڪئي، بنگلاديشي اوپنرز 14 اوورن ۽ 4 بالن تي 93 رنسن جي شاندار پارٽنرشپ قائم ڪئي پر پوءِ تنزيد حسن 43 بالن تي 51 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.بعد ۾ اوپنر لٽن داس 66، ڪپتان نجم الحسن شانتو 8 ۽ مهدي حسن ميراز صرف 3 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا.ان کان علاوه توحيد 16 رنسون، مشفيق الرحيم 38 رنسون ۽ محمود الله 14 رنسون اسڪور ڪيون ته بنگلاديش مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 256 رنسون ٺاهيون.ڀارت طرفان جسپريت بمرا، محمد سراج ۽ جڊيجا 2-2 وڪيٽون ورتيون.
