ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو ورلڊ جونيئر اسڪواش چيمپئن شپ ۾ پاڪستان جي فتح تي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته شاباش حمزه خان! توهان شاندار پرفارمنس ذريعي راندين جي دنيا ۾ پاڪستان جو جهنڊو بلند ڪيو آهي،پاڪستان جو نالو هميشه اهڙي طرح روشن ڪيو,جونيئر اسڪواش چيمپيئن شپ ۽ ايمرجنگ ايشيا ڪپ ۾ فتحون اسان جي نئين نسل جي انمول جذبي ۽ عزم جي عڪاسي ڪن ٿيون
