سنڌ ڏکئي دور مان گذري پئي، سڀني سنڌين کي مالڪي ڪرڻي پوندي

لنڊن(ويب ڊيسڪ)ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران 34 سالانا عالمي سنڌ ڪانفرنس 19 نومبر 2022 تي لنڊن ۾ ڪوٺائي وئي.ڪانفرنس ۾ آمريڪا، ڪئناڊا، يورپ، ڀارت ۽ برطانيه جي ڪنڊ ڪژچ مان تمام وڏي تعداد ۾ سنڌي ڪٽنبن شرڪت ڪئي. عالمي ماهرن جو چوڻ هو ته جيستائين سنڌي ماڻهو پنهنجي ملڪ جي مالڪي پاڻ نه ڪندا تيستائين هٿرادو پيدا ڪيل آفتن کان پهنجو پاڻ کي بچائي نه سگهندا.ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي ٽيون دفعو چونڊيل چئير پرسن ڊاڪٽر روبينا شيخ پنهنجي تقرير ڪندي چيو ته سنڌ تاريخ جي بدترين دور مان گذري رهي آهي سنڌين کي پنهنجي وطن جي حق خوداراديت لاء گڏيل، منظم ۽متحد جدوجهد ڪرڻي پوندي. پختون ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي اڳواڻ افراسياب خان خٽڪ وڏي واقعي کليل لفظن ۾ اظهار ڪيو ته پنجاب پنجابين جو آهي، بلوچستان بلوچن جو، خيبر پختونخوا پختونن جو جڏهن ته سنڌ صرف سنڌين جي آهي۽ اُن تي حق صرف سنڌين جو آهي.ورلڊ سنڌي ڪانگريس طرفان ڪانفرنس ۾ مختلف مسئلن تي قراردادون پيش ڪيون ويون. قرادادن ۾ چيو ويو تي وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جي نااهلي سبب سنڌ جي 23 ضلعن جا ماڻهو دربدر ٿِي انتهائي ڏکي زندگي گذاري رهيا آهن. سنڌ اڳ ئي مهنگائي ۽ معاشي بدحالي جو شڪار هئي مٿان وري تازي ٻوڏ ۽ ريڪارڊ ٽوڙ برساتن سبب غريب ماڻهن جا جانور، فصل، گهر گهاٽ پوري طرح تباه ٿِي ويا آهن. ٻوڏ متاثر، بييارو مدگار، کليل آسمان هيٺ لاچاري واري زندگي گذاري رهيا آهن.چار مهينا گذرڻ جي باوجود متاثر ضلعن مان پاڻي ڪڍڻ۽ متاثرين لاءِ موجوده حڪومت ڪا به تسلي بخش پاليسي نه جوڙي سگھي آهي.ڪانفرنس ۾، ورلڊ سنڌي ڪانگريس اقوام متحده سميت عالمي ادارن کان مطالبو ڪَيو ته پاڪستان سرڪار تي مقامي۽ عالمي عدالتن ۾ ايڪوسائيڊ جو ڪيس ڪيو وڃي. ڪانفرنس ۾ ڪيٽلان جي اسيمبلي ميمبر، اسپين کان سندن آزادي جو ڪيس پيش ڪيو. مقررين چيو ته سنڌ جي قومي تنظيمن کي ڪيٽلان جي آزادي واري تحريڪ مان سبق سکڻ گهرجي.ڪانفرنس جي شروعات ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي نئين چونڊيل باڊي جي حلف برداري جي تقريب ٿي جنھن ۾ وائيس آف سنڌ لنڊن جي سربراهه سائي امداد علي اوڍو حلف کڻايو. ڪانفرنس ۾ سائين امداد علي اوڍو جي ڪتاب ننڊ نه هيريو نيڻ جي رونمائي تقريب پڻ ٿِي.ڪانفرنس جي پهرئين سيشن ۾ برطانيه اندر سياسي، سماجي۽ ثقافتي تنظيمن جي اڳواڻن سنڌ ۾ ٻوڏ جي متاثرين لاءِ پنهنجي تنظيمن پاران ڪيل امدادي سهڪار ء سرگرمين کان آگاه ڪيو. ورلڊ سنڌي ڪانگريس، برطانيه ۾ رهندڙ سنڌين ۽ ڪم ڪندڙ سڀني تنظيمن جا ٿورا مڃيا جن سنڌ ۾ تباهي واري صورتحال ۾ دل کولي مالي سهڪار ڪيو.جڳ مشهور پاڻي جي ماهر ڊاڪٽر حسن عباس چيو اسان صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن توڙي اُنھن سان لاڳاپيل ادارن کي موسمي پيشنگوئين جي آڌار تي آگاهه ڪيو هو ته تباهي کان بچائڻ لاءِ اپاءَ وٺن پر تيار ڪن پر افسوس اُن تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو. هن چيو ته حڪومت جي نااهلي ڪري شاخن، بندن، خاص طور تي منڇر ڍنڍ کي هٿڙادو ڪٽ ڏئي هزارين قيمتي جانيون ء مال جو نقصان ڪيو. هن واضع ڪيو ته هن سڄي نقصان جا ذميوار نااهل حڪمران۽ ادارا آهن، ھيء انسانيت جي خلاف جرم جي ذمري۾ اچي ٿو جنھن کي Ecocide جي ڪِيس طور چئلينج ڪرڻ گھرجي. ڪانفرنس ۾ جڳ مشهور شاعر عاطف توقير ۽روحي ڪلهوڙو موجوده حالتن ۾ مزاحمتي شاعري پڙهي مهمانن جو داد وصول ڪيو.ٻيا اڳواڻ جن ڪانفرنس ۾ پنهنجا خيال پيش ڪيا اُنھن ۾حسن دوست، ڊاڪٽر لکو لوهاڻو، ڊاڪٽر دانش مصطفي، ڊاڪٽر صغير شيخ، گل سنائي، اميدعلي لغاري، شهزادو وڌيو ڊاڪٽر نصير دستي، سائين بصير نويد، ڊاڪٽر هدايت ڀٽو، حاجن، رام ڪٽواڻي، ڪلهوڙو، دعا ڪلهوڙو، فضا ڪلهوڙوشامل ھئا. اُن کان علاوه ڪيٽلان جي ازادي واري تحريڪ جي ميمبرپروفيسر اليسندرا پلازو، ارون مگونا نيدرليند مان شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جي آخر ۾ ٻوڏ متاثرين جي مالي سهائتا لاءِ لاء سنڌي موسيقيءَ جو پروگرام رکيو ويو جنهن ۾ انڊيا جو سنڌي جتن اُداسي، جنهن جي من ۾ سنڌ وسي ٿي، قومي گيتن سان سڄي محفل کي جهومائي ڇڏيو.ڪانفرنس جي آخر ۾ورلڊسنڌي ڪانگريس جي ڊاڪٽر روبينا شيخ سڀني مهمانن جا ٿورا مڃيا.

پهنجو تبصرو موڪليو