واٽس ايپ ڀارت ۾ 20 لک کان مٿي اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) دنيا ڀر ۾ ميسيجنگ جي مقبول ترين ايپ واٽس ايپ ڀارت ۾ 20 لک کان مٿي اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيا آهن. ڪمپني جو چوڻ آهي ته رولز جي خلاف ورزي سبب اڪائونٽ بند ڪيا ويا آهن. ڀارت ۾ 40 ڪروڙ ماڻهو واٽس ايپ استعمال ڪندا آهن. ڪوڙيون خبرون ڦهلائڻ، افواهه اڏائڻ، صارفين کي نقصن پهچائڻ ۽ جارحاڻي ٻولي استعمال ڪرڻ سبب اهي اڪائونٽ بند ڪيا ويا آهن.  ڪمپني جو چوڻ آهي ڀارت فيسبڪ ۽ واٽس ايپ استعمال ڪرڻ وارن جو وڏيو مارڪيٽ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو