هڪ ڏينهن ۾ 3 موٽرسائيڪلون چوري، پوليس خاموش

گهوٽڪي (عرفان علي سومرو) ضلعي جو امن امان ڏينهون ڏينهن تباهي طرف وڌڻ لڳو،سياسي،سماجي اڳواڻن ۾ ڳڻتي جي لهر ، هڪ ڏينهن ۾ ٽي موٽر سائيڪلون چوري انگ وڌي 53 ٿي ويو. بينظير ڪالوني مان نامعلوم چور عبدالغني چنا جي سي ڊي موٽر سائيڪل جو لاڪ ٽوڙي چوري ڪري فرار ٿي ويا ،ساڳي جڳھ تان هڪ ٻي شهري پنجابي سليم جي موٽر سائيڪل جو لاڪ ڀڃي نامعلوم چور موٽرسائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا،جڏهن ته هڪ اڳ به بينطير ڪالوني مان ئي نامعلوم چور ظهير احمد جي موٽر سائيڪل جو لاڪ ٽوڙي  چوري ڪري فرار ٿي ويا هئا، اهڙو اطلاع اي  سيڪشن ٿاڻي کي ڪيو ويو مگر پوليس پنهنجي پراڻين روايتن کي برقرار رکندي ڪوبه تحرڪ نه ورتو .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو