هواوي گوگل جي مقبول ايپس جو متبادل متعارف ڪرڻ لاءِ تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هواوي کي هلندڙ سال مئي کان آمريڪي پابندين کان پوءِ ڪمپني پنهنجي نئين سمارٽ فونن ۾ گوگل ايپس ۽ سروس کان محرومي سبب ان جو متبادل متعارف ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اڪنامڪ ٽائمز جي رپورٽ مطابق هواوي گوگل جي مقبول ترين ايپس جي متبادل لاءِ ڀارتي ڊولپرز جون خدمتون حاصل ڪيون آهن. ياد رهي ته آمريڪا طرفان بليڪ لسٽ ٿيڻ تي هواوي ۽ آنر جي نون فونن ۾ گوگل موبائ سروس جي ايم ايس جهڙيون ميپس، گوگل ڊرائيو، جي ميل، ڪروم ۽ ٻين کي پري انسٽال ڪرڻ ناممڪن رهيو. ڀارت ۾ هواوي ۽ آنر جي چيف ايگزيڪٽو چارل پينگ اڪنامڪ ٽائمز کي ٻڌايو ته اسان جي پنهنجي هواوي موبائل سروس آهي ۽ اسان موبائل ايڪو سسٽم بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، گهڻيون اهم ايپس جهڙي طرح نيوي گيشن، پيمنٽس، گيمنگ ۽ ميسجنگ ڊسمبر جي آخر تائين تيار ٿي ويندا.

گوگل موبائل سروس جو استعمال تمام گهڻو ٿيندو آهي پر پابندين سبب هاڻي هواوي پنهنجي فون ۾ ان جي متبادل کي تيار ڪرڻ چاهي ٿي يعني گوگل پلي، گيمز، گوگل ميپس، جي ميل، گوگل پلي، يوٽيوب ۽ گوگل اسٽور سميت سڀ ايپس جو متبادل چيني ڪمپني پاڻ تيار ڪرڻ چاهي ٿي. چين کان ٻاهر سمارٽ فون صارفين جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ هواوي جي ذيلي برانڊ آنر هن وقت ڀارت جي سرفهرست 150 ايپس جي ڊولپرز سان ڳالهيون ڪري ان کي هواوي ايپ گيلري گوگل پلي اسٽور جي متبادل حصو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ڀارت سان گڏوگڏ ڪمپني دنيا اندر ڪم ڪري رهي آهي. چارلس بينگ ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي آهي ته هاڻي آنر سمارٽ فون ۾ گوگل سروس موجود هوندي جيڪڏهن هواوي ڪنهن طرح گوگل جي مقبول ايپس جي مقابلي ۾ ان جو متبادل ايپس کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته اهو گوگل لاءِ وڏو نقصانده ثابت ٿيندو ڇاڪاڻ ته ٻيون چيني سمارٽ فون ڪمپنيون به هواوي ايپس جو استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو