اسلام آباد (اياز مهر) هلندڙ مالي سال جي پهرين 5 مهينن ۾ ملڪ جو تجارتي خسارو 33.44 فيصد گهٽ رهيو. شماريات کاتي جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق ان جي گهٽتائي جو وڏو سبب ٻاهر موڪليندڙ شين ۾ 2 عدد جي گهٽتائي سان گڏ ٻاهرين رقم ۾ معمولي اضافو آهي. ان کان علاوهه حڪومت طرفان غير ملڪي ڏي وٺ زخيرن ۽ مجموعي طلب ۾ گهٽتائي جي سلسلي ۾ درآمد کي گهٽ ڪرڻ حڪومتي اصلاحي قدم شامل آهن. انگن اکرن کي ڏسنداسين ته جولاءِ کان نومبر ۾ تجارتي فرق 9 ارب 66 ڪروڙ ڊالر ٿي ويو هو جيڪو گذريل سال جي عرصي ۾ 14 ارب 43 ڪروڙ ڊالر هيو. ماهوار بنيادن تي خساري ۾ 29.65 فيصد گهٽتائي ٿي ۽ اهو نومبر ۾ 1 ارب 92 ڪروڙ ڊالر رهيو جيڪو گذريل سال جي هن مهيني ۾ 2 ارب 74 ڪروڙ ڊالر هيو. وزارت تجارت اندازو لڳايو آهي ته هلندڙ مالي سال ۾ تجارتي خسارو گذريل مالي سال جي 31 ارب ڊالرن کان گهٽ ٿي 12 کان 19 ارب ڊالر ٿي سگهي ٿو. ڄاڻايل انگ ظاهر ڪن ٿا ته هلندڙ مالي سال جي پهرين 5 مهينن ۾ درآمدات 19 ارب 21 ڪروڙ ڊالر رهي جيڪا گذريل سال جي هن عرصي جي 23 ارب 54 ڪروڙ رپين جي مقابلي ۾ 18.41 فيصد گهٽ هئي. اهڙي طرح نومبر ۾ ٻاهريان شين گهرائڻ ۾ 13.99 فيصد ڪمي ڏٺي وئي ۽ اها گذريل مالي سال جي هن عرصي جي 4 ارب 58 ڪروڙ ڊالرن جي مقابلي ۾ 3 ارب 94 ڪروڙ ڊالر رهي. ان جي برعڪس جولاءِ کان نومبر ۾ برآمدات 4.79 فيصد کان وڌي 9 ارب 54 ڪروڙ ڊالر رهي جيڪا گذريل سال جي هن عرصي ۾ 9 ارب 10 ڪروڙ ڊالر هئي. بهرحال اهي انگ اکر ايترا حوصلا افزائي وارا ناهن ڇاڪاڻ ته برآمد جهڙي طرح ڪجهه مهينن ۾ مختلف ڪرنسي ڪرڻ جي ڪري وڌيڪ هجڻ گهرجي ها اها اهڙي طرح نه وڌي سگهي. جيڪڏهن ماهوار بنيادن تي برآمدات کي ڏسون ته اهو نومبر ۾ 9.53 فيصد کان وڌي 2 ارب 1 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي وئي جيڪا گذريل سال جي هن ئي مهيني ۾ 1 ارب 83 ڪروڙ ڊالر هئي. حڪومت هلندڙ مالي سال دوران برآمد جو هدف گذريل مالي سال جي 24 ارب 65 ڪروڙ 60 لک ڊالر کان 26 ارب 18 ڪروڙ 70 لک ڊالر رکيو ويو. واضح رهي ته بجيٽ 20-2019 ۾ حڪومت برآمد شين ۾ استعمال ٿيندڙ خام مال ۽ نيم تيار شين کي ڪسٽم ڊيوٽي کان آجو قرار ڏنو هو. ان کان علاوهه حڪومت برآمد شعبي کي سيلز ٽيڪس ريٽرن فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو.
