هاڻ واٽس ايپ تان واٽس ايپ تان ڳالهائڻ ممڪن

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)واٽس ايپ پنهنجي 2 ارب کان وڌيڪ استعمال ڪندڙن ۾ هڪ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي.۽ اهو ٻيو ڪو به ناهي سواءِ واٽس ايپ چيٽ ايپ پنهنجو آفيشل واٽس ايپ اڪائونٽ ٺاهيو آهي جيڪو هن پليٽ فارم جي استعمال ڪندڙن سان رابطو ڪندو.هي واٽس ايپ جو هڪ نئون فيچر آهي جيڪو آئي فون ۽ اينڊرائيڊ استعمال ڪندڙن لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي.في الحال هي فيچر محدود استعمال ڪندڙن لاءِ موجود آهي پر تمام جلد سڀئي صارف پنهنجي اڪائونٽس تي آفيشل واٽس ايپ مان ميسيج ڏسندا.هي اڪائونٽ استعمال ڪندڙ پاڻ نه ڳولي سگهندا پر واٽس ايپ طرفان ئي هڪ پيغام موڪليو ويندو جنهن کانپوءِ توهان چيٽ شروع ڪري سگهو ٿا.هن اڪائونٽ ذريعي واٽس ايپ صارفين کي ايپ جي نئين اپڊيٽ يا ٻين شين بابت آگاهي ڏيندو،واٽس اپ اڪائونٽ جي پهرين ميسيج ۾ ظاهر ٿيندڙ ميسيجز فيچر بابت مختلف ڳالهيون ٻڌايون ويون آهن.ڊس اپيئرنگ فيچر 2020 ۾ متعارف ڪرايو ويو ۽ وقت سان گڏ مختلف تبديليون آيون.جيڪڏهن توهان واٽس ايپ سرڪاري اڪائونٽ مان پيغام پسند نٿا ڪريو، توهان ان کي آرڪائيو ڪري سگهو ٿا يا ان کي بلاڪ ڪري سگهو ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو