سرحد(ن سنڌيار) سرحد جي هاسيجا مهر پولنگ اسٽيشن تي ٻيهر ڳڻپ ۾ جي ڊي اي اميدوار جا 5 ووٽ وڌي ويا، پ پ اميدوارن کي 39 ووٽن تان شڪست، خبرموجب مڪاني چونڊن ۾ يوسي عمرڊهو سرحد جي هاسيجا مهر پولنگ اسٽيشن تي ڌانڌلي خلاف پ پ اميدوار امان الله ڏهر جي درخواست تي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي وئي، رٽرننگ آفيسر شيردل ڪلوڙ جي نگراني ۾ ٻيهر ڳڻپ ڪرائي وئي جنهن ۾ جي ڊي اي پاران يوسي سرحد تي چيئرمين جي اميدوار نورحسن ملڪ جا 5 ووٽ وڌي ويا، گڏ ڪيل ڄاڻ موجب ٻيهر ڳڻپ ۾ جي ڊي اي اميدوار نورحسن ملڪ جا 2173 مان ووٽ وڌي 2178 ٿي ويا جن موجب پ پ اميدوار امان الله ڏهر کي 39 ووٽن تان شڪست ٿي، ٻيهر ڳڻپ بعد جي ڊي اي اميدوارن حفيظ مهر، نورحسن ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هاسيجا مهر کان محمد شاهه چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شريڪ يوسي عمرڊهو سرحد جي ڪامياب ٿيل چيئرمين نورحسن ملڪ جو چوڻ هو ته سرحد واسين اعتماد ڪري ڪاميابي ڏياري آھي، انشاء الله سرحد واسين جي اميدن تي پورو لهندس










