ن ليگ جو اسٽيبلشمينٽ سان ٺاهه ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي،شيخ رشيد

لاھور (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ن ليگ جو اسٽيبلشمينٽ سان ٺاهه ٿيو آهي ته سٺي ڳالهه آهي، اسٽيلبشمينٽ اسان جي ۽ اسان اسٽيبلشمينٽ جا آهيون، حڪومت ۽ ادارا هڪ پيج تي آهن، موجوده اپوزيشن وزيراعظم کي پڪڙي نه سگهندي، عمران خان کي ڪنهن مان به خطرو نه آهي، ھو بحرانن مان نڪري ويندو، لاھور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو ته پنجاب جو وڏو وزير ڪنهن خلاف انتقامي ڪارروائي نه پيو ڪري ۽ نه ئي ڪرڻ گهري ٿو، جهانگير ترين سياڻو ماڻهو آهي، ملڪ کي بحران ۾ نه وجهندو ۽ بجيٽ ۾ عمران خان کي ووٽ ڏيندو، علي ظفر کي رپورٽ پيش ڪرڻ گهرجي ته معاملو هڪ پاسي ٿي وڃي، حڪومت خلاف ڪابه بي اعتمادي رٿ نه پئي اچي، پي ڊي ايم جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي، ھن چيو تھ حديبيه پيپر ملز ڪيس ٻن ٽن هفتن ۾ داخل ڪنداسين، هي ڀڳوڙا آهن ۽ حالتن کي منهن ڏيڻ بدران پرڏيهه فرار ٿي ويندا آهن، نواز ليگ ۾ 2 پارٽيز آهن، نواز شريف ۽ مريم نواز جي پارٽي کين هن حد تائين پهچائي ڇڏيو، شهباز شريف جي جيڪا پارٽي آهي، اُها منهنجي به پارٽي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو