لاهور (ويب ڊيسڪ)نگران وزيراعظم جو اعلان ٿيندي ئي پاڪستان پارٽي سرگرم ٿي وئي.آءِ پي پي لاهور، بهاولپور، گوجرانوالا، سرگوڌا ۽ ساهيوال لاءِ ڊويزنل آفيسر مقرر ڪيا آهن.مراد راس کي لاهور ڊويزن جو صدر ۽ ميان خالد محمود کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.رپورٽن مطابق سردار تنوير الياس کي آزاد ڄمون ڪشمير جو پارٽي صدر نامزد ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته استحڪام پاڪستان پارٽي في الحال رجسٽرڊ ناهي ان ڪري هو چونڊ نشان جي اهل ناهي.
