ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ جو نيپرا ايڪٽ ۾ تجويز ڪيل آرڊيننس تي رد عمل چيو آهي ته نيپرا ايڪٽ ۾ ترميم آرڊيننس ذريعي ڪئي پئي وڃي،نيپرا ايڪٽ ۾ آرڊيننس ذريعي ترميمن تي صوبن کي سخت خدشا آهن،صوبن جي خدشن کي دور ڪرڻ کانسواءِ تجويز ڪيل آرڊيننس ناقابل قبول آهي،نيپرا ايڪٽ ۾ ترميم سان صوبن جا حق کسي ويندا ايڪٽ ۾ ترميم کان اڳ اسٽيڪ هولڊرز ۽ صوبن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي,اميد آهي ته وزيراعظم ڪنهن کي به صوبن سان ناانصافي ڪرڻ نه ڏيندو، آرڊيننس ذريعي اين پي آر ايڪٽ تبديل ڪرڻ سان پاور سيڪٽر، وفاق ۽ صوبن ۾ اختلاف پيدا ٿيندا.
