نيوزيلينڊ بورڊ مارٽن گپٽل کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ مان فارغ ڪرڻ لاءِ تيار

دبئي(ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ ڪيوي ڪرڪيٽر مارٽن گپٽل کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ مان فارغ ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي.نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب مارٽن گپٽل کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ مان فارغ ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي، جڏهن ته ٽرينٽ بولٽ ۽ ڪولن ڊي گرانڊ هوم به سينٽرل ڪانٽريڪٽ کان ڌار ٿي ويا آهن.نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جو چوڻ آهي ته مارٽن گپٽل هاڻي ڪٿي به موقعا ڳولي سگهي ٿو جڏهن ته سندس چونڊ لاءِ غور ڪيو ويندو پر سينٽرل ڪانٽريڪٽ تي رانديگرن کي ترجيح ڏني ويندي.مارٽن گپٽل جو چوڻ آهي ته ملڪ لاءِ کيڏڻ وڏو اعزاز آهي، هاڻ مون کي پنهنجي لاءِ ٻيا آپشن ڳولڻا پوندا.مارٽن گپٽل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ هڪ به ميچ نه کيڏيو ۽ ڀارت خلاف سيريز ۾ به شامل نه ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو