نينگر جي بيدردي قتل خلاف شهري سراپا احتجاج

فيض گنج (ن س) ڀنگو بهڻ لڳ  ڳوٺ ميوو ڀنگو ۾ بدفعلي ڪرڻ بعد بيدردي سان قتل ڪيل 9 سالن جي معصوم نينگر ذوالفقار ولد پيارعلي ڀنگو جي قتل واقعي خلاف سياسي سماجي تنظيمن، سول سوسائٽي، شهرين، استاد شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪندي ڀنگو بهڻ شهر ۾ مڪمل طور تي شٽر بند هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي مظاهرين جي اڳواڻي ڪندڙ علي گوهر ڀنگو، منصور کنڊ، تصوير باقي، استاد قطب الدين کنڊ، استاد نياز مڱڻهار ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته معصوم شاگرد ذوالفقار علي ڀنگو کي ظالم جوابدارن بدفعلي ڪرڻ بعد بيدردي سان  قتل ڪري سندس لاش پاڻي جي کڏ ۾ اڇلائي ڇڏيو. هنن چيوته جيڪو ڪيس جوابدارن تي داخل ڪيو ويو آهي ان ۾ دهشتگردي جا قلم نه لڳايا ويا آهن. هنن چيوته معصوم جي قتل بعد خوف ڇانيل آهي ٻارن کي والدين اسڪول وڃڻ کان به روڪي ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ ته اهڙو واقعو هتي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي واقعي سان علائقي ۾ ڏک ڇانيل آهي هنن چيوته ڪنهن جي معصوم ٻار کي ائين بيدردي سان قتل ڪرڻ بدفعلي ڪري ان کي مارڻ قيامت جي نشاني آهي. هنن مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن تي دهشتگردي قلم  به لڳايو وڃي. هوانهن  نينگر جي پيءُ غلام عباس عرف پيار علي ڀنگو جي فرياد تي فيض گنج ٿاڻي تي ٽن جوابدارن پتاشو شر،  جيئند شر ۽ نديم شر مٿان  ڪيس داخل ڪيو ويو آهي داخل ڪيل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ذاتي دشمني تحت نينگر ذوالفقار ڀنگو کي جوابدارن هٿيارن جي زور تي اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪري لاش پاڻي واري تلاءَ ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا. فيض گنج  پوليس ڳوٺ قيصر شر تي چڙهائي ڪري ٽنهي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي  سلسلي ۾ ايس ايڇ او فيض گنج هاشم هڪڙو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪيس ۾ ڄاڻايل سمورا ٽئي جوابدار گرفتار ڪيا آهن ان باوجود واقعي بابت چئني طرفن کان جاچ هلندڙ آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو