نينگريءَ سان زيادتي جي الزام ۾ 2 جوابدار گرفتار، 1 فرار

مانجهند (مهراڻ عمراڻي) ملاح محلي جي رهواسي مشتاق ملاح رتو رت ٿيل ستن ورهين جي نياڻي ڪشف ملاح کي ٿاڻي تي وٺي ڪشف سان گهر ۾ 3 جوابدارن جو کنڀي  مبينا اجتمائي ڏاڍائي جي رپورٽ داخل ڪرائي جنهن تي پوليس کين ميڊيڪل ليٽر ڏئي  تعلقه اسپتال ڪوٽڙي روانو ڪيو. پوليس ٻن جوابدارن امير علي ملاح ۽ سليم عمراڻي کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته هڪ ڄڻو هٿ نه اچي سگهيو. ان سلسلي ۾ نينگري جي والد  مشتاق احمد ملاح ٻڌايو ته سندس  ٻارڙي کين دانهون ڪري گهر اچي ٻڌايو ته جوابدارن کيس کنڀي حوس جو نشانو بڻايو آھي ۽ جوابدار مختلف وقتن تي اڳ به اهڙيون حرڪتون ڪندا رهيا آھن. هوڏانهن گرفتار جوابدار امير ملاح  ٻڌايو ته برادري هئڻ سبب  نينگري سندن گهر آئي ۽ باٿ روم ۾ وئي جنهن ۾آئون ب اتفاق سان باٿ روم ويس ۽ نينگري کي هٿ مان وٺي ٻاهر ڪڍيو ت رڙيون ڪري مائٽن کي دانهن ڏني جن  ڪوڙو الزام هڻي ڦاسايو آھي  رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او خاڻوٺ ٻڌايو ت نينگري جي ميڊيڪل لاء ليٽر ڏئي ڇڏيو آھي رپورٽ اچڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو جڏهن ت شروعاتي طور الزام هيٺ آيلن مان ٻن جوابدارن کي گرفتارڪيو ويو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو