جيش محمد ۽ تحريڪ لبيڪ جهڙن گروپن کي ختم ڪرڻو پوندو، قوم کي ٽن هفتن ۾ خوشخبري ملندي: عمران خان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعظم عمران خان قوم کي 3 هفتن اندر خوشخبري ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جلد سمنڊ ۾ تيل ۽ گيس جي ڳولا شروع ٿيندي۽ اميد آهي ته وڏا ذخيرا ملندا ۽ دعا آهي ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالا مال ٿئي. هن.  سينيئر صحافين ۽ اخباري مالڪن جي مان ۾ ڏنل دعوت جي موقعي تي ڳالهائيندي وزير اعظم چيو ته معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ، ادارن کي مضبوط ڪرڻ، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، غريب ۽ مڊل ڪلاس لاءِ گهرن جو مناسب بندوبست ڪرڻ ۽ فنانشل ٽاسڪ فورس کي منهن ڏيڻ سندس حڪومت جي ترجيحات ۾ شامل آهن. ان سان گڏ ئي هن ڪامورا شاهي جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته اهي سست ۽ فيصلن ۾ دير ٿا ڪن جنهن سبب ترت اڳڀرائي نٿي ٿئي. هو نيب ۽ ايف بي آر جي ڪارڪردگي تي مايوس نظر آيو. جڏهن کائنس برگيڊيئر منير جي خودڪشي ۽ سپريم ڪورٽ کي لکيل خط جو معاملو ذڪر هيٺ آيو ته وزيراعظم چيو ته “ڀلا نيب ڪنهن وڏي با اثر ۽ طاقتور کي پڪڙيو آهي، هنن ننڍي اسٽاف خلاف جاچ جو هڪ پنڊوڙا باڪس کوليو آهي جنهن سبب هو پريشان آهن”. هن چيو ته طاقتور کي سزا ملندي ته هيٺ معاملا حل ٿي ويندا. وزيراعظم ايف بي آر جي ڪردار تي ناخوش هجڻ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جا ايڪسپورٽ 24 ارب کان نه پيا وڌن، خطي ۾ ڏسو ته بنگلاديش ۽ انڊيا ڪيڏانهن پيا وڃن، اسان وٽ ماڻهون ٽيڪس ريٽرن فائل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن سٺ ستر فيصد بليڪ معيشت آهي، ان کي ٺيڪ ڪيون پيا. هن چيو ته اهو خدشو موجود آهي ته فنانشل ٽاسڪ فورس وارا پاڪستان جي گري بدران بليڪ درجه بندي ڪن، ائين ٿيو ته ملڪ لاءِ تباه ڪن هوندو، دنيا جا چار اهم ملڪ امريڪا، برطانيا، فرانس ۽ جرمني جيش محمد جي ليڊر مسعود اظهر کي عالمي دهشتگرد قرار ڏيڻ چاهن ٿا، اهو سنجيده مسئلو آهي اسانکي دنيا سان پنهنجا تعلقات ٺيڪ ڪرڻا آهن ۽ اسين ان تي ڪم ڪريون پيا. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته ڀارت ۾ عام چونڊن جي ڪري مودي سرحدن تي ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ڪيو جيڪو انڊيا ۾ اليڪشن تائين جاري رکندو . هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي سموريون پارٽيون متفق آهن ۽ پر ڪنهن به عمل نه ڪيو پر هاڻي ڀرپور ڪارروائي ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي اصل ترقي سياحت ۾ آهي پر جڏهن ڀارت ۽ ايران اسان تي دهشتگردي جا الزام هڻندا ته ڪير ايندو؟ هن چيو ته انگريزي ڳالهائيندڙ حڪمرانن ملڪ ۾ ملائيت کي وڌايو، هتي مولانا فضل الرحمان جهڙا ماڻهو اسلام جي تشريح پنهنجي مقصد جي ڪن ٿا ۽ اسان کي يرغمال ڪن ٿا، تحريڪ لبيڪ جهڙا گروپ اچن ٿا، فوج ۽ پوليس به ڪجهه ن ٿي ڪري سگهي، اسان ڪارروائي ڪئي ۽ اهڙن گروپن کي ختم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته يو اي اي اوڌر تي تيل ڏيڻ جو واعدو نه ڪيو هو، يو اي اي کي اوڌر تي پيٽرول فراهمي جي اسان درخواست ضرور ڪئي هئي، پر يو اي اي پهريان ئي واضح طور تي ٻڌايو هو ته اوڌر تي تيل ڏيڻ بابت انهن وٽ ڪوئي قانوني رستو موجود ناهي.ان تي سڀني ڪامورن جا ڪن کڙا ٿي ويا. هن چيو ته اسمگلنگ جي لعنت ملڪي معيشت کي تباه پئي ڪري، ايف بي آر ۾ ٽيڪس وصولي ۽ ٽيڪس پاليسي جي مامرن کي الڳ ڪيو پيو وڃي، افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي سامان تي ڪسٽم ڪراچي جي بندرگاهن تي وٺڻ جو سوچي رهيا آهيون. هن چيو ته ملڪ مٿان 30 هزار ارب رپين جو قرض چاڙهڻ وارا قومي مجرم آهن، شهباز شريف سرڪاري جهاز استعمال ڪري 35 ڪروڙ روپيا اڏايا، پهريان شريف خاندان گوڙ ڪري رهيو هو، هاڻي زرداري خاندان گوڙ پيو ڪري.هڪ سوال تي هن چيو ته آرمي چيف جي توسيع وارو فيصلو نه ٿيو آهي،

پهنجو تبصرو موڪليو