نيب راولپنڊي بلاول کي 24 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي احتساب بيورو جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بلاول ڀٽو زرداري کي 24 ڊسمبر تي پڇا ڳاڇا لاءِ راولپنڊي ۾ طلب ڪيو آهي. هن کي زرداري گروپ جي ڊائريڪٽر طور جي وي اوپل ڪمپني مان هڪ ارب روپين جي منتقلي تي پڇاڻي لاءِ گهرايو آهي. سندس ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر نوٽيس ملڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته نيب پاران حڪومت جي مخالفن کي حراسان ڪيو پيو وڃي. نيب ٻڌائي ته حڪومت جي حامين مان ڪنهن کي نوٽيس ڏنو آهي؟ هن جي بقول ته اڳ ۾ بلاول ڀٽو ڪيترا ڀيرا پيش ٿي وضاحت ڪري چڪو آهي ۽ نيب هن کي ڪليئر به ڪيو هو ۽ هاڻي ٻيهر نوٽيس موڪلڻ سياسي انتقام جو نشانو بنائڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو