نيب جي نا اهلي 257 ڪرپشن ڪيس عدالتن ۾ التويٰ جو شڪار

ڪراچي(رپورٽ نعيم سهوترا) سنڌ صوبي ۾ قائم 6 احتساب عدالتن ۾ 257 بدعنواني جا ڪيس التويٰ جو شڪار آهن. نيب جي تحقيقاتي آفيسرن جي ڪوتاهين، ثبوت ۽ شاهدن جي پيش ٿيڻ ۾ دير، عدالتن ۾ مختلف سببن ڪري سماعت ۾ دير ٿيڻ سبب معاملا لٽڪيل آهن. ڪراچي جي چئن عدالتن ۾ 178، حيدرآباد ۾ 42 ۽ سکر جي هڪ احتساب عدالت ۾ 37 ڪيس التويٰ ۾ پيل آهن. سياستدانن، ريٽائر۽ حاضرسروس وفاقي ۽ صوبائي ملازمن، پلاٽن ۽ هائوسنگ اسڪيمن جي مالڪن، سندن مائٽن ۽ فرنٽ مين خلاف هي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. انهن ريفرنسز ۾ 2 ريفرنس 2005 جا آهن جيڪي پرويز مشرف جي دور ۾ اين آر او هيٺ ختم ٿيا ۽ سپريم ڪورٽ پاران اين آر او ختم ڪرڻ بعد بحال ٿيا. پراسيڪيشن موجب نيب جا جاچ آفيسر تمام گهڻا ثبوت ۽ شاهدن جي لسٽ ڏين ٿا، اڪثر ڪاغذ فوٽو ڪاپي هوندا آهن، جيڪي قابل قبول ناهن هوندا، جنهن ڪري هو مهلت گهرندا آهن، ملزمن جا وڪيل به ڪيس ۾ دير ڪرائن لاءِ هر حربو استعمال ڪندا آهن جنهن سبب فيصلن ۾ دير ٿئي ٿي. قانون موجب 30 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻو آهي پر هڪ هڪ ڪيس ۾ هزارين صفحن تي مشتمل دستاويز پڙهڻ ۽ ڪيس هلائي ان مدت ۾ فيصلو ڪرڻ ڪنهن به انسان لاءِ ممڪن ناهي هوندو. نتيجي ۾ ملزم ڪيسن ۾ دير جو بهانو بڻائي ضمانت حاصل ڪري ويندا آهن. جيلن ۾ خراب حالت ۽ پنهنجي بيماري جو بهانو ڪري پرڏيهه مان علاج جي اجازت وٺي ٻاهر هليا ٿا وڃن، ڊاڪٽر عاصم ۽ شرجيل ميمڻ ان جا مثال آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ وڌيڪ عدالتون قائم ڪرڻ جو قانون واري وزارت کي حڪم ڏنو پر عملنه ٿيو. نواز شريف جي حڪومت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم کي چيلينج ڪندي چيو ته وڌيڪ احتساب عدالتن جي ضرورت ناهي. ياد رهي ته ڊان ڊاٽ ڪام جي خبر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو