نيب جو شاهه خلاف گهيرو تنگ،اثاثن لاءِ ڪميشن کي خط

سکر (جيرام داس ) نيب  سيد خورشيد شاهه کي سوڙهو ڪرڻ جون تياريون تيز ڪري ڇڏيون آهن، نيب سکر پاران اليڪشن ڪميشن کي خط لکي سندس اثاثن جو تفصيل  گهري ورتا. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ جي سلسلي ۾ نيب پنهنجي خط ۾ اليڪشن ڪميشن کي چيو آهي ته نامزدگي ڪاغذن سان گڏ خورشيد شاهه اثاثن جا جيڪي تفصيل جمع ڪرايا آهن انهن جي تصديق ٿيل ڪاپي ڏني وڃي. ياد رهي ته نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ بعد سڀ دستاويز رٽرننگ آفيسر وٽ هوندا آهن جيڪي هو  اليڪشن ڪميشن کي موڪلي ڇڏيندو آهي، اليڪشن ڪميشن هر ميمبر جي اثاثن جو تفصيل سالوار شايع ڪندي آهي ۽ سندن ويب سائٽ تي به موجود هوندا آهن. ان کان اڳ نيب سکر پاران دادو جي ڊپٽي ڪمشنر کي خط لکي خورشيد شاهه ۽ سندس خاندان جي ملڪيت جا تفصيل طلب ڪيا ويا هئا. نيب هن مهل تائين خورشيد شاهه جي مبينه فرنٽ مين کي به پڇا ڳاڇا لاءِ گهرائي سندن بيان قلمبند ڪيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو