نياڻي کي مڙس ۽ ڏير قتل ڪيو آهي، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڏيو

شاهپورجهانيان(اسد ٻگهيو) ڳوٺ صفن ۾ گهرو اڻبڻت تان ڏير ۽ مڙس هٿان  مبينا طور 20 سالا نوجوان عورت مسمات ردا ڀٽي وحشياڻي تشدد بعد کيس زهر ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول عورت جي والدين ۽ ڀائرن شريف ۽ امتياز ڀٽي الزام هڻندي چيو تہ ڪجھ ڏينھن پهريان زال ۽ مڙس ۾ گهرو اڻبڻت ٿي هئي، جنهن تان رات ڌاري اسان جي نياڻي کي سندس مڙس جنيد ڀٽي ۽ ڏير عارب ڀٽي  وحشياڻو تشدد ڪري ردا کي رات جي ماني ۾ زهر ڏئي ماري ڇڏيو آهي. هو قتل کي لڪائڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن چيف جسٽس، آء جي سنڌ، ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي نوابشاهہ تنوير تنيو کان مطالبو ڪيو آهي تہ قاتلن جنيد ۽ عارب ڀٽي کي ڦورن گرفتار ڪري سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو