نوڪري لاءِ ويل نوجوان پراسرار نموني گم، وارثن جو بازيابي لاءِ مظاهرو

پنوعاقل (رپورٽ  سنتوش ڪمار) مهيسرو لڳ ڳوٺ سچيڏنو انڍڙ مان پنجن ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويل نوجوان اسد ﷲ انڍڙ جي بازيابي لاءِ نوجوان جي وارثن پنوعاقل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاجي مظاهري دوران نوجوان جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ نوجوان پنج ڏينهن اڳ سکر نوڪري جي ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ چئي گهران نڪري ويو هو جنهن کي پنج ڏينهن گذري چڪا آهن تہ نوجوان اسد ﷲ جو موبائيل نمبر بند پيو آهي ۽ هن مهل تائين گهر واپس ناهي پهتو. هنن نوجوان جي اغوا جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو ۽ ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان اپيل ڪندي چيو تہ پوليس تحرڪ ۾ اچي نوجوان جي بازيابي لاءِ تڪڙا قدم کڻي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو