نوجوانن جي روزگار لاءِ مؤثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت

نوجوانن جي روزگار لاءِ مؤثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ): وزيراعظم شهباز شريف سان يوتھ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود ملاقات ڪئي، جنهن دوران وزيراعظم کي هلي رهيل ترقياتي منصوبن ۽ نوجوانن جي ڀلائي واري اسڪيمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ جي نوجوانن کي بهترين تعليم ۽ پيشيورانه تربيت ڏيڻ سندن حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته اڄ جي دور ۾ نوجوانن کي ڊيجيٽل مهارتن (آئي ٽي) ۽ ڪاروباري صلاحيتن سان آراسته ڪرڻ انتهائي ضروري ٿي چڪو آهي. حڪومت پنهنجي سمورن وسيلن کي ڪتب آڻي نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪري رهي آهي، ڇاڪاڻ ته هُنرمند نوجوان ئي ملڪ جي معيشت، صنعت ۽ روشن مستقبل جا ضامن آهن. وزيراعظم رانا مشهود کي روزگار جي موقعن کي وڌائڻ لاءِ هڪ جامع پاليسي تحت تيزي سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو