نواز جي ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان ملاقات، گڏ هلڻ تي اتفاق

نواز جي ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان ملاقات، گڏ هلڻ تي اتفاق

لاهور(ويب ڊيسڪ)وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ جوڙ ٽوڙ ۽ رابطا تيز، جاتي امراءُ ۾ ايم ڪيو ايم وفد جي ن ليگ قيادت سان ملاقات، گڏجي هلڻ تي اتفاق ٿي ويو،ذريعن موجب ايم ڪيو ايم وفاق ۾ نواز ليگ جي حڪومت ٺهڻ تي سنڌ جي گورنر شپ گهري ورتي آهي،ذريعن موجب 50 منٽن تائين جاري ملاقات دوران ايم ڪيو ايم مطالبن جي فهرست نواز شريف آڏو رکي ۽ ن ليگ جي حڪومت ٺهڻ جي صورت ۾ سنڌ جي گورنر شپ گهري ٻنهي جماعتن وچ ۾ آئينده گڏجي هلڻ تي اتفاق ٿي ويو،ذريعن موجب ڪراچي ۾ وفاق جي ترقياتي منصوبن ۾ ايم ڪيو ايم کي آن بورڊ رکيو ويندو، ن ليگ ايم ڪيو ايم ۽ پ پ وچ ۾ دوستاڻو ڪردار ادا ڪرڻ جي هامي ڀري ورتي،ان موقعي تي نواز شريف شهباز شريف کي هدايت ڪئي ته اوهان کي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ دوستاڻو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، ٻنهي سياسي جماعتن جو مستقبل ۾ ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ لائحه عمل تي غور ويچار ڪيو ويو،ن ليگ سربراهه نواز شريف جي اڄ چوڌري شجاعت حسين سان ملاقات جو امڪان، نواز شريف چوڌري شجاعت حسين جي رهائش گاهه تي ويندو، جتي چوڌري شجاعت کي وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت سازي لاءِ سهڪار جي درخواست ڪندو،اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ نواز شريف وچ ۾ اڄ ملاقات ٿيندي، جنهن ۾ حڪومت سازي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي

پهنجو تبصرو موڪليو