ننڍپڻ جي شادي سان سماجي مسئلا جنم وٺن ٿا؛ نسيم مستوئي

نوابشاھه (اي ڪي ڏاھري) سنڌ حڪومت پاران ننڍي عمر جي شادين کي روڪڻ لاءِ سنڌ چائلڊ ميرج ايڪٽ 2014 پاس ڪيوويو آهي جنهن تحت ننڍپڻ جون شاديون غيرقانوني قانوني آھن. ان حوالي سان شاگردياڻين کي آگاھي فراھم ڪرڻ لاءِ عورتن جي ڀلائي واري کاتي شھيد بينظيرآباد پاران ھڪ سيمينار گورنمينٽ گرلز ھاءِ اسڪول غريب آباد نوابشاھه ۾ منعقد ڪيو ويو. سيمينار کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڊائريڪٽر وومين ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ شھيد بينظيرآباد نسيم حسن مستوئي چيو ته صوبي ۾ ٻارن جي شادي روڪڻ جي قانون پاس ٿيڻ کانپوءِ 18 سال کان گهٽ عمر وارن ٻارن جي شادي ڪرائڻ قانونن ڏوھ آهي جنهن کي روڪڻ لاءِ عوام ۾ آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ھن چيو ته ھن سيمينار ڪرائڻ جو مقصد پڻ اھو آھي ته نوجوان  نياڻين کي سندن حقن بابت آگاھي فراھم ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته ننڍي عمر جي شادي سان ڇوڪرين ۽ ٻارن جي صحت جي خرابي کان علاوه ڪيترائي سماجي مسئلا جنم وٺي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ان قانون تحت ننڍي عمر جي ٻارن جون شاديون ڪرائيندڙ والدين، نڪاح خوان ۽ سهولتڪار لاءِ قيد ۽ ڏنڊ جي سزا پڻ مقرر ڪئي وئي آهي جيڪڏھن ڪٿي به گھٽ عمر وارن ٻارن جي شادي ٿئي ته فوري اطلاع ڏنو وڃي ته جيئن پوليس جي مدد سان ڪارروائي ڪري سگھجي. سيمينار کي گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول غريب آباد جي پرنسپل گلناز ڀٽي، عروج سنڌو، ياسمين، سونيا ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته 18 سالن کان گھٽ عمر واريون ڇوڪريون شادي کانپوءِ زندگي گذارڻ ۽ ازدواجي معاملن کان بي خبر هونديون آهن جنهن جي ڪري گهريلو مسئلن سبب معاشري ۾ بگاڙ جو سبب بڻجن ٿيون انهي ڪري سڀني کي گڏجي عورتن کي سندن حقن بابت ڄاڻ ڏيڻ سان گڏوگڏ ننڍپڻ جي شادين کي روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. انهي موقعي تي اسڪولي شاگردياڻين پاران ننڍي عمر جي شادين نقصانن بابت تقريرون ۽ خاڪا پڻ پيش ڪيا ويا. سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردياڻين ۾ ٽرافيون ۽ سرٽيفڪيٽ تقسيم ڪيا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو